حضرت سچل سرمست شخصيت اور فن

حضرت سچل سرمست شخصيت اور فن

حضرت سچل سرمست شخصيت اور فن

حضرت سچل سرمست، شخصيت اور فن (ڪتاب): حضرت سچل سرمست جي شاعريءَ جي فن توڙي شخصت متعلق اردو زبان ۾ هيءُ ڪتاب، سنڌ جي نامور اديب ۽ عالم، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو لکيل آهي، جيڪو ڪتاب اڪادمي ادبيات جي رٿا ’پاڪستاني ادب ڪي معمار‘ جي ڪڙي آهي. ڪتاب ۾ پيش نامه افتخار عارف ۽ پيش لفظ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو لکيل آهي. ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ سچل سرمست جي ڪلام جا ماخذ ڏنا ويا آهن. ان کانپوءِ درگاهه درازا جي سجاده نشينن جي فهرست ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) سچل سرمست ڪا دور، (2) سـوانح حيات، (3) شعر و شاعري، (4) شــاهه اور سـچـــل، (5) ڪـلام سـچـل مـيـن چـنـد اهـم مـوضوعـات، (6) سـچــل سـرمـسـت ڪـي هـمـعــصـــر، (7) مـعتـقـد اور مـريـد شـعـراءَ، (8) انتـخـاب اور غـزليـات، (9) انتخـاب سـرائيڪـي ڪـلام، (10) ڪافيان، (11) انتخاب فارسي ڪلام، (12) انتخاب سنڌي ڪلام.
ڊيمي سائيز ۾ رنگين جلد سان 120 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب پاڪستان اڪادمي ادبيات، اسلام آباد پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو